بيجنگ -18 مارچ (اي پي پي) چين روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ک?? چونڊ?? ۾ ??اميابي تي مبارڪون ڏنيون آهن، فرانس جي خابرو اداري مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان لين جيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران چيو ته چين روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ک?? چونڊ?? ۾ ??اميابي تي مبارڪون ڏئي ٿو. هن چيو ته چين ۽ روس نئين دور ۾ هڪ ٻئي جا سڀ کان وڏا پاڙيسري ۽ جامع اسٽريٽجڪ سهڪار رکندڙ شر??ڪتدار آهن. هن چيو ته اسان پختو يقين رکون ٿا ته چين جو صدر شي جن پنگ ۽ روس جو صدر ولاديمير پيوٽن جي اسٽريٽجڪ اڳواڻي تحت چين روس لاڳاپن کي هٿي ملندي. هن چيو ته هلندڙ سال چين ۽ روس وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جا سربراه ويجهي مٽاسٽا کي برقرار رکندا. ٻنهي ملڪن جي پراڻي دوستي کي برقرار رکندا، جامع اسٽريٽجڪ هم آهنگي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين دور ۾ چين روس لاڳاپن جي لاڳيتو ترقي کي هٿي وٺرائيندا. روس جي سرڪاري ايجنسي آر آءِ اي گذريل ڏينهن سرڪار?? چونڊن جي انگن اکرن جي حوالي سان ٻڌايو ته 99 سيڪڙو پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کان پوءِ ولاديمير پيوٽن 87.33 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.
چين پاران روس جي صدر ولاديمير پيوٽن کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : apostas quina