رياض-07 جون (اي پي پي) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو آهي ته مملڪت ۾ هن وقت تائين 12 لک ??ج پ??نڌ??ئڙا پهچي چڪا آهن. العربيه ??وجب ڊاڪٽر توفيق الربيعه پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سعودي عرب جعلي حج آپريشنز جي خطرن کان آگاهي لاءِ عالمي مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ??ج پ??نڌ??ئڙن جي سهولت لاءِ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ??ج پ??نڌ??ئڙن جي مجموعي صحت لاءِ صحت جا ادارا بهترين طريقي سان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. حج واري وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هلندڙ سال حج معاملن کي بهتر انداز ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ 50 کان وڌيڪ سرڪاري ادارن سان شراڪت ڪئي وئي آهي جڏهن ته 11 ملڪن جو دورو ڪري اتي حج معاملن جي حوالي سان معاملا طئي ڪيا ويا هئا. هن چيو ته 126 ملڪن جي شهرين کي اها سهولت فراهم ڪئي وئي آهي ته اهي بنا ڪنهن ايجنٽ يا سياحتي اداري جي ڊجيٽل پورٽل ۽ پليٽ فار?? تي حج لاءِ درخواست جمع ڪرائي سگهن ٿا. هلندڙ سال منيٰ ۾ 11 نئين عمارتن جو اضافو ڪيو ويو آهي جتي 37 هزار حاجين کي ترسڻ جي سهولت فراهم ڪئي و??ندي.
مملڪت ۾ هن وقت تائين 12 لک حج پانڌيئڙا پهچي چڪا آهن: سعودي حج ۽ عمري وارو وزير
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب