واشنگٽن- 17 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا اتر ڪوريا جي اهم شخصيتن ۽ جنرلن سميت مختلف ادارن تي پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.پرڏيهي ميڊيا آمريڪي ناڻي کاتي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اتر ڪوريا ۽ روس تي نيون پابنديون لڳايون ويون آهن . جنهن جو مقصد پيانگ يانگ جي مالي سرگرمين ?? ماسڪو لاءِ ان جي فوجي مدد کي نشانو بڻائڻ آهي. پابندين ?? اتر ڪوريا جون بينڪون ، جنرلز ۽ ٻين اختيارين سان گڏو ??ڏ ر??س جون تيل جي فراهمي ڪندڙ ڪمپنيون به شامل آهن. اهو آمريڪا جو تازو قدم آهي جنهن جو مقصد يوڪرين ?? روس جي فوجي آپريشن لاءِ اتر ڪوريا جي حمايت کي روڪڻ آهي. آمريڪي ناڻي وزارت واضح ڪيو آهي ته نشانو بڻايل اتر ڪوريا جي بينڪن ۾ گولڊن ٽرائينگل بينڪ ۽ ڪوريا منڊل ڪريڊٽ بينڪ شامل آهن. دفاع واري وزارت مطابق انهن اهلڪارن ۾ اتر ڪوريا جا جنرل به شامل آهن جيڪي پيانگ يانگ طرفان روس ۾ يوڪرين ?? جنگي ڪوششن ۾ مدد لاءِ مقرر ڪيل هزارين فوجي شامل آهن.
آمريڪا پاران اتر ڪوريا جي اهم شخصيتن، جنرلن سميت مختلف ادارن تي پابنديون لاڳو
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری