اسلام آباد – 27 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صل??حڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف پاڻي جي جارحيت يا سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور ختم ڪرڻ نه رڳو ??نڌ طاس معاهدي پر عالمي قانونن جي پڻ خلاف ورزي هوندي، اهڙن قدمن کي پاڪستان جي خلاف جنگ سمجهيو ويندو، ڀارت معاهدي موجب پاڪستان جي حصي جي پاڻي تي رن اف ريور بجلي جا منصوبا ته هڻي سگهي ٿو پر ان پاڻي کي ذخيرو يا ان جو رخ نه ٿو بدلائي سگهي، ورلڊ بئنڪ ان معاهدي ۾ سهولت ڏيندڙ آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ پرڏيهي صل??حڪار سرتاج عزيز ٻڌايو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پاڪستان پاران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڀرپور آواز اٿارڻ تي ڀارت بوکلائجي ويو آهي ۽ ه?? پاڪستان جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر