واشنگٽن -10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبر اليگزينڊر گرين کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ ۽ اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي اهم اعزاز ستاره خدمت سان نوازيو. هن کي اهو ايوارڊ پاڪستاني سفارتخاني ۾ گذريل ڏينهن منعقد هڪ خاص تقريب ۾ ڏنو ويو. تقريب ۾ ڪانگريس ميمبر رينڊي ويبر، هنري ڪيولر، اڳوڻي ڪانگريسي ميمبر نڪ ليمپسن، ٽيڪساس اسٽيٽ جي نمائندي سليمان لالاڻي، ٽيڪساس ۽ واشنگٽن ميٽرو پوليٽن ايريا مان سفارتڪارن ۽ مشهور شخصيتن، پاڪستان ڄاون آمريڪي برادري جي ميمبرن شرڪت ڪئي. پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان هتي ??ڪ غير معمولي شخصيت جي خدمتن کي تسليم ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آه??ون جنهن جي شراڪت سان پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دوستي کي نمايان طور تي ??ضبوط ڪيو ويو آه??. هن چيو ته مختلف فورمز تي ??اڪستان جي مثبت تاثر کي هٿي ڏيڻ لاءِ اوهان جي اڻٿڪ ڪوششن ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??. هن 2022ع ۾ تباهي پکيڙيندڙ ٻوڏ دوران آمريڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي چيو ته هن پاڪستاني عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ نه رڳو پاڪستان جو دورو ڪيو پر ٻوڏ جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ آمريڪي ڪانگريس ۾ فوري امداد جي به حمايت ڪئي. ان موقعي تي آمريڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين ان اعزاز لاءِ پاڪستان حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو ان کي ٻن عظيم قومن وچ ۾ دوستي جو هٿ وڌائڻ جو تسلسل سمجهي ٿو. هن چيو ته مان پاڪستاني عوام ۽ آمريڪا جي ماڻهن وچ ۾ ڪنهن به قسم جو وڇوٽي نه ٿو چاهيان، اسان وچ ۾ ڪا به وڇوٽي ناهي ۽ نه ئي اسان ان جي اجازت ڏينداسين، اسان ۾ تمام گهڻيون هڪجهڙايون آه?? ۽ هڪ ٻئي لاءِ اسان جي ضرورت تمام گهڻي آه??. هن چيو ته اسان پنهنجي عوام وچ ۾ لاڳاپا جاري رکنداسين ۽ اهو ته مان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان اچڻ لاءِ بي چين آه??ان. پاڪستاني سفير خطي ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين جي خدمتن ۽ پاڪستان انڊيورنگ اسسٽنس ??ينڊ ڪ آپريشن انهينسمينٽ ايڪٽ 2009 جهڙي اهم قانون سازي جي قدمن لاءِ ان جي حمايت کي به ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گڏيل قدمن، گڏيل احترام ۽ گڏيل نظرين تي ??ڌل پراڻا لاڳاپا آه??. هن ان ڳالهه جي نشاندهي ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ستن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ?? امن کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي ترقي کي اڳيان وڌائڻ لاءِ ڪيترن محاذن، دهشتگردي ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن عالم چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار ڪيو آه??. پاڪستاني سفير چيو ته اسان جي شراڪتداري جي مضبوطي عوام سان عوام وچ ۾ مضبوط رابطن ۾ آه??.
آمريڪي ڪانگريس ميمبر اليگزينڊر گرين کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ستاره خدمت سان نوازيو ويو
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس