اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جار?? رکندو. اها ڳالهه ه?? آل پارٽيز حريت ??انفرنس آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وفد سان مظفرآباد ۾ ملاقات دوران چئي، ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر سردار محمد مسعود خان ۽ وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پڻ موجود هو. آل پارٽيز حريت ??انفرنس جي وفد سان ملاقات جي موقعي تي صدر ممنون حسين عالمي برادري ۽ گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته ه?? ڪشمير بابت ريفرنڊم جي حوالي سان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي. هن چيو ته ??المي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم ڪشميرين تي ڪيل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين جو فوري خا??مو ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات