ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پي سي ايف آر) جي ??فد هتي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ??فد ڊاڪٽر عارف علوي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پي سي ايف آر ڪر??چي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سفارتڪاري ۽ پرڏيهي پاليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪمن لاءِ پرڏيهي آفيس جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽين سان رابطا ڪيا آهن، صدر ??فد کي خاطري ڪر??ئي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي پرڏيهي آفيس ۽ پي سي ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط بڻايو ويند??. غ??ر ملڪي سفارتڪارن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ پي سي ايف آر جي ڪر??ار جو اعتراف ڪندي صدر چيو ته صار??ين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آفيس کولي پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غير ملڪي سفيرن ۽ معزز شخصيتن سان ڳالهين سان بهتر رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي
صدر سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس