اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ??ند?? هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن مان جبري بيدخلي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت پاران فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي جاچ جي لاءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ??ند?? چيو ته هي ايوان اسرائيل پاران فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
قومي اسيمبلي پاران فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت خلاف متفقه قرارداد منظور
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha