اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن، ٻنهي م??ڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروباري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آه??، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هو پاڪستان ۾ پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير پيوتراوپالنسڪي سان ڳالهائي رهيو جنهن هتي ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. صد?? چيو ته پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، ٻنهيم ??ڪن کي گڏيل فائدي لاءِ ڪاروبار ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، صد?? چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن، پولينڊ جي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي سيڙپڪار دوست پاليسي ۽ بهتر سيڪيورٽي ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ثقافتي تعاون مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻئي ملڪ قومي ورثي جي تحفظ، بحالي جي گڏيل منصوبن، ثقافتي وفدن جي مٽاسٽا ۽ عوامي رابطن جي ذريعي لاڳاپا وڌائي سگهن ٿا. صد?? چيو ته پولينڊ جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگرد ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صد?? پولش آئل اينڊ گئس ڪمپني جي پاڪستان ۾ ڪاورباري سرگرميون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ تي پولينڊ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي پولينڊ جي سفير حڪومت پاڪستان جي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان حيرت انگيز طور تي ترقي ڪري رهيو آهي، نوجوانن کي پاڪستان ۾ اڀرندڙ معاشي موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي.
پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع امڪان آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa