اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪي معيشت ترقي جي راهه تي گامزن آهي، حقيقتون هي آهن ته مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ غير ملڪي مٽاسٽا جو ناڻو 12.5 سيڪڙو اضافي سان 8 ارب ڊا??ر، روانگي واپار 38 سيڪڙو جي اضافي سان 7 ارب ڊا??رز آهي، 30 سالن کانپوءِ ڪنهن وزيراعظم زراعت تي ڌيان ڏنو آهي جنهن سان پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي ۾ سرپلس ٿيڻ وڃي رهيو آهي.
پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ايف بي آر پهرين ٽه ماهي ۾ 38 سيڪڙو اضافي سان 1395 ارب جون ٽيڪس وصوليون ڪيون، هن چ??و ته ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 28 سيڪڙو اضافي سان 4.437 ارب ڊا??ر آهي، آءِ ٽي جي روانگي واپار ??42.7 سيڪڙو اضافي سان 635 ملين ڊا??ر جو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ جولاءِ آگسٽ جي پهرين ٻن مهينن ۾ 7.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن چ??و ته خريف جي فصلن ۾ شروعاتي اطلا??ن موجب ڪمند جي پيداوار ?? 25 سيڪڙو اضافو، مڪئي 18 سيڪڙو اضافو، ڪپهه 60 سيڪڙو، چانور 18 سيڪڙو اضافو متوقع آهي، انشاءُ الله ڪڻڪ جي آئينده پيداوار ?? به رڪارڊ اضافو ٿيندو.