اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپاري برادري ملڪ جي معاشي ترقي ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سا?? اهم دستاويزن کي محفوظ ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سا?? سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ ايف بي آر، وفاقي ٽ??ڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي آفيسرن ۽ مختلف واپاري تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي محتسب جو ادارو ٽيڪس ڏيندڙن جي سهولت، وسيلن جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، وفاقي ٽ??ڪس محتسب شڪايت ڪندڙن کي گذريل سا?? 8.5 ارب رپين جو ريليف فراهم ڪيو، وفاقي محتسب جو ادارو ڪاريوباري برادري جي لاءِ ڪاروبار ۾ آساني يدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سرڪاري معاملا سرانجام ڏيڻ ۾ غيرضروير دير سا?? ٽيڪس ڏيندڙن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. صدر چيو ته عوام ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي، بدانتظامي جي خلاف انصاف جي لاءِ ٽيڪس محتسب سا?? رجوع ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سا?? ڪرپشن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي، بلاڪ چين ٽيڪانلاجي جي مدد سا?? فنڊز جي چوري، ڪرپشن ۽ رشوت خوري کي گهٽ ڪ??ي سگهجي ٿو، جديد آءِ ٽي لوازمات جي مدد سا?? ٽيڪس ڏيندرن کي جلد ريليف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطي جي ضرورت آهي، ٽيڪس ادارن، وفاقي محتسب جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيندا. صدر چيو ته وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي خدمتن ۽ ڪارڪردگي بابت ماڻهن کي آگاهي ڏين جي ضرورت آهي، ٽيڪس ڏيندڙن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽيڪس محتسب جي دائري کي سڄي ملڪ ۾ توسيع ڏيڻي پوندي. صدر چيو ته اوورسيز پاڪستانين جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، جديد ٽيڪنالاجي سا?? اهم دستاويزن کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو، ٽيڪنالاجي سا?? ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ مدد ملي وڃي ٿي. صدر چيو ته جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته ڪيترن ئي ڏوهن جي جاچ ۾ ٽيڪنالاجي سا?? مدد ملي ٿي، جلدي جي فيصلن سا?? انصاف جو اصول متاثر ٿئي ٿو جڏهن ته غيرضروري دير به ڪجهه وقتن تيڪرپشن جي زمري ۾ اچي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ ۾ 25، 30 لک ٽيڪس فائيلرز آهن جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) عوامي آگاهي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفاقي ٽ??ڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه پڻ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪيو. هن چيو ته ٽيڪس محتسب ٽيڪس عملدارن جي ناانصافي ۽ بدانتظامين جي خلاف عوام کي ريليف فراهم ڪري رهيو آهي، عوام کي جلد انصاف جي فراهمي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل 5 سا??ن ۾ ٽيڪس محتسب 27 ارب رپيا ريفنڊ ڪرايا آهن. صدر سيمينار ۾ وفاقي ٽ??ڪس محتسب ويب پورٽل جو پڻ افتتاح ڪيو.
ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ٽيڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ ان کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج