ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او ۽ رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي ه??ندڙ اجلاس جي ميزباني ڪندي زور ڏنو ته وزيراعظم پاڪستان جي پيش ڪيل تجويز ايس سي او تنظيم جي سطح تي اٿارڻ گهرجي. ايس سي او جي ??مل??تي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ تاجڪستان جي صدر امام علي ??حم??ن وزيراعظم شهباز شريف جي تجويز جي سڀ کان اڳ حمايت جو اعلان ڪيو آهي. ايس سي او ??مل??تي سربراهن جي ڪائونسل جي تازي اجلاس جي سربراهه تاجڪستان جي صدر امام علي ??حم??ن کانپوءِ تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، ازبڪستان، منگوليا ۽ ايران جي صدرن پڻ پاڪستان سان يڪجهتي ۽ حمايت جو اعلان ڪيو. تاجڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف ايس سي او جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته تازي تاريخي ٻوڏ سان ٿيندڙ شديد تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان کي ڀرپور مدد ۽ حمايت فراهم ڪئي وڃي.
تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا جي صدرن پاران وزيراعظم شهباز شريف جي موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ کي شنگهائي تعاون تنظيم پاران اٿارڻ جي تجويز جي ڀرپور تائيد ۽ حمايت جو اعلان
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن