اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف وڙهندي ج??ن جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون را??يگان نه وينديون، قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جا??ي بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 ڊسمبر تي بنون دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي وارث?? سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن شهيدن جي وارثنس ان افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين پنهنجي مشن تان نه هٽنداسين. هن شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ قوم جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سپاهي بابر ايوب ۽ لانس نائيڪ حليم جي وارث?? سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دهشتگردي جي خلاف وڙهندي ج??ن جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون را??يگان نه وينديون. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. صدر شهيدن جي پونئير?? سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.
دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر