اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان ??سا?? کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، منهنجي دعا آهي ته ??سا?? سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مهينو ذاتي احتساب جو مهينو آهي. هي پنهنجي ذات جي حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مهينو آهي. هي مهينو پنهنجي خواهشن ۽ پنهنجي نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ ??سا?? کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته منهنجي دعا آهي ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت سان الله تعاليٰ ??لڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ ??سا?? جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ ??سا?? سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.
مريم اورنگزيب پاران عالم اسلام ۽ اهل وطن کي رمضان المبارڪ جُون مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد