اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سهولتڪار اڃا به ادارن ۾ موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان ??مه??ريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي، اهو ئي سبب آهي جو اڳوڻن آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي، هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها، 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ قانون تحت ان جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ عدليه جي حوالي سان بل جي پهرين خواندگي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته پاڪستان هن وقت مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان معاشي، ??مه??ري، آئيني بحرانن سميت دهشتگردي جو مقا??لو ڪيو، هن وقت تاريخ جي بدترين مهانگائي جو مقا??لو ڪري رهيا آهيون ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم ملڪ کي معاشي بحران ۾ مبتلا ڪيو، معاشي بحران جا ڪجهه سبب اهڙا آهن جن تي اسان جو اختيار نه آهي، ڪوويڊ 19 جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو شديد معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي ڪري 33 ملين ماڻهو ۽ پاڪستان جو ٽيون ??صو پاڻي ۾ ٻڏل رهيو، اها تاريخي قدرتي آفت هئي جنهن اسان جي معيشت کي نقصان پهچايو، ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽي جي مسئلن ڪنڌ کنيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي سياسي قائدين، پوليس، فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جو بهادري سان مقا??لو ڪيو ۽ ان جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته وري اسان جي بدقسمتي آهي جو هتي هڪ اهڙو وزيراعظم مڙهيو ويو جنهن اي پي ايس تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي جيل مان آزاد ڪرايو ۽ معاف ڪيو، قبائلي عوام دهشتگردي جو بهادري سان مقا??لو ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم انهن دهشتگردن کي افغانستان مان آڻي اسان جي قبائلي علائقن ۾ رهايو، ملڪ جي معاشي ?? سيڪيورٽي بحران جي پٺيان اڳوڻو سليڪيٽيڊ وزيراعظم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان مشرف دور کانپوءِ ??مه??ريت جي بحالي لاءِ ميثاق ??مه??ريت تي صحيحون ڪرايون، 18 هين ترميم جي ذريعي 1973ع جو آئين بحال ڪيو جنهن جي ڪري ڪجهه ??مه??ري قوتن پوري طرح متحرڪ ٿي سياسي قيادت جي خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن پاڪستان جي عوام جو سياسي قيادت تان اعتماد کڄي وڃي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي آمريت قائم ڪئي، انهن سمورن قدمن جو مقصد ??مه??ريت کي بدنام ڪري هاءِ بريڊ نظام قائم ڪرڻ هو، عمران خ??ن کي اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ وٺي آئي، اسان جي هر ??مه??ري قدم تي سدائين غير??مه??ري رويا سامهون آيا، اسان ??مه??ري طور تي بي اعتمادي جي رٿ آندي جنهن جي جواب ۾ آئين ٽوڙيو ويو، اس??ن کي ڏسڻ گهرجي ته اسان انهن بحرانن کي منهن ڇو ڏئي رهيا آهيون، اسان سدائين تاريخ لکي پر ان جي ردعمل جي طور تي ورڇ ۽ سازشون سامهون آيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هينئر به آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي ڇو ته انهن مان ڪير به پنهنجي زور تي چونڊون نه ٿو کٽي سگهي، اڃا به ادارن ۾ عمران خان جا سهولتڪار موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جيڪڏهن ??مه??ريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ ڪنهن آئين ۽ قانون تحت ڊيم فنڊ قائم ڪرڻ جو اختيار نه هو. هن چيو ته هي قانون تمام گهڻو اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها ڇو ته 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ فيصلو ڪيو ته اسان قانون تحت ان جو جواب ڏينداسين.
تحريڪ انصاف جا سهولتڪار اڃا به ادارن ۾ موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جمهوريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری