اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) پاڪستان اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي هيليڪاپٽر حا??ثي ۾ شه??دت جي افسوسناڪ خبر تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي افيس پاران جاري تعزيتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گهري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪر??ون ٿا. پرڏيهي آفيس پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چي?? ته اسان جون دعائون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام سان گڏ آهن ۽ سوڳ جي هن گهڙيءَ ۾ اسان پنهنجي ايراني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪر??ون ٿا. بيان موجب صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان قابل احترام اڳواڻ هئا، انهن جي پاڪستان ايران لاڳاپن ۽ علائقائي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، انهن اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ اپريل ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چي?? ته اسلامي جمهوريه پاڪستان ايران سان دوستي ۽ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پاڪستان پاران ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي شهادت تي تعزيت جو اظهار
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ