شي – آن – 08 – جون (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ??ان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيرا??ظم پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت، توانائي ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبن ۾ تعاون جي معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ پيٽروليم واري وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جي سربراهي ۾ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب جائو ايدا شانسي جي قيادت ۽ عوام پاران وزيرا??ظم ۽ پاڪستاني وفد جي آجيان ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته شي – آن جي قيادت ۽ ان جي عوام جي پاڪستاني وفد جي شاندار استقبال تي ٿورائتا آهيون. وزيرا??ظم چيو ته شي – آن ۾ تاريخي جاين کي ڏسي چيني ڪاريگرن جي هنرمندي متاثر ڪيو، چيني حڪومت خاص طور تي شانسي جي حڪومت بهترين طور تي پنهنجي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪئي آهي. وزيرا??ظم چيو ته ا??ان جي چين جي دوري دوران پاڪستاني فود کي تاريخي استقبال ڏنو ويو، گذريل ڏينهن چيني اعليٰ قيادت ??ان ڪامياب ملاقات رهي. وزيرا??ظم چيو ته صدي شي جن پنگ شاندار آجياڻي جو اهتمام ڪيو ۽ ان تي خوشگوار ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي، پاڪستان ۽ چين ٻه مضبوط ڀاءُ آهن جن جي حصيداري، تعاون ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا مث??لي آهن، چين پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي جنهن جي لاءِ مون سميت پوري قوم ٿورائتي آهي. وزيرا??ظم چيو ته شانسي ڪوويڊ 19 دوران پاڪستانين جي ڀرپور مدد ڪئي، چيني قيادت جي ترقي پسنداڻي سوچ چين کي دنيا جي وڏي اقتصادي قوت بڻايو، شانسي جديد زراعت ۽ گرين انرجي ۾ پوري دنيا ۾ مث??لي نالو رکي ٿو. وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ زراعت ۾ تعاون جي دعوت ڏيان ٿو، پاڪستان شانسي کان جديد زراعت ۽ گرين انرجي جي شعبي مان تمام گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيرا??ظم چيو ته حڪومت نه رڳو جديد زراعت پر زرعي جنسن جي پراسيسنگ ??ان ان جي روانگي واپار جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، حڪومت جي اولين ترجيح ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ آهي. جائو ايدا وزيرا??ظم کي شانسي ۽ شي – آن جي اقتصاديات ۽ مصنوعات جي حوالي ??ان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. جائو ايدا چيو ته پاڪستان ۽ شانسي جي وچ ۾ واپار جي فروغ جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، شانسي جي حڪومت پاڪستان جي زراعت ۽ گرين انرجي جي حوالي ??ان هر ق??م جي معاونت جي لاءِ تيار آهي، توهان جي چيني قيادت ??ان ملاقاتون ڪامياب ۽ لاڀائتيون رهيون جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي. جائو ايدا چيو ته شي – آن جي يونيورسٽين ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم پرائي رهيو آهي، پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا گهرا ۽ مضبوط آهن. ملاقات کانپوءِ جائو ايدا وزيرا??ظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. ملاقات ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، عطاءُ الله تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري ۽ راڻا تنوير حسين پڻ شريڪ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان شي – آن ۾ شانسي صوبي جي پارٽي سربراهه (سيڪريٽري) جائو ايدا جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری