اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون بابت لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ فرينڪفرٽ، لنڊن ۽ برسلز ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز جي خلاف (افغان شهرين پاران) تازا حملا ?? پرتشدد م??اهرا پڻ بحث هيٺ آيا. هاءِ ڪمشنر افغان پناهگيرن جي پاڪستان جي روايتي م??مان نوازي خاص طور تي پاڪستان حڪومت پاران پي او آر ڪارڊز جي مدي ۾ توسيع جي تازي فيصلي کي ساراهيو. ٻنهي عهديدارن هاءِ ڪمشنر جي جولاءِ جي شروع ۾ پاڪستان جي دوري دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ اڄ جي ٽيليفونڪ ڳالهه ۾ پاڪستان – يو اين ايڇ سي آر جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ افغان پناهگيرن جي مسئلي جو پائيدار حل ڳولڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر فليپو گرانڊي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : کڑک