اسلام آباد-06 آگسٽ (اي پي پي) نا??ي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته موسميا??ي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي، موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن اها ڳالهه اڪيومن پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪلائميٽ ايڪشن فار پاڪستان جي موضوع تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. نا??ي واري وزير چيو ته موسميا??ي تبديلين سبب دنيا جا ڪيترائي خطا متاثر ٿي رهيا آهن. پاڪستان موسميا??ي تبديلين سبب متاثر ٿيندڙن ملڪن ۾ سڀ کان مٿي آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ موسميا??ي تبديلين سبب پاڪستان ۾ ٻوڏ جي نتيجي ۾ وڏي پئماني ??ي تباهي ٿي، ان ٻوڏ سبب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان پهتو. نا??ي واري وزير چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مختلف ملڪن ٻطرفي ۽ گهڻ رخي حصيدارن ۽ عالمي ادارن پاڪستان لاءِ اٽ??ل 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي مدد جو اعلان ڪيو تن??ن هوندي به پاڪستان کي اعلان ڪيل مدد موجب فنڊ نه مليا. هن چيو ته موسمياتي فنانسنگ لاءِ موثر منصوبا بڻائڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي فنانسنگ ۾ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان حوالي سان نجي شعبي کي قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. نا??ي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي انتظامي بورڊ سان موسمياتي فنانسنگ جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسان کي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف جو انتظامي بورڊ اسٽاف ليول معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏيندو. نا??ي واري وزير چيو ته پاڪستان جي معيشت استحڪام جي راهه تي گامزن آهي. پائيدار اقتصادي واڌ ۽ ترقي لاءِ سڌارن جو عمل جاري رهندو. هن چيو ته مضبوط معيشت لاءِ ٽيڪس جي نظام ۾ واڌارو، نظام ۾ شفافيت، توانائي جي شعبي ۾ سڌارن ۽ گورننس ۾ به??ري آڻڻ ضروري آهي. حڪومت ان حوالي سان ضروري قدم کڻي رهي آهي. نا??ي واري وزير چيو ته آبادي ۾ اضافي سان گڏوگڏ وسيلن ۾ به اضافو ضروري آهي، پاڪستان کي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا.
موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر منصوبا بنائڻ جي ضرورت آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais