اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي واضح طور تي رد ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي بيان ۾ چي?? ته افغانستان جو بيان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ ناقابل قبول ۽ مذمت جوڳي مداخلت آهي. هن چي?? ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي هڪ جمهوري ملڪ تي ليڪچر ڏيڻ بدران پنهنجا ملڪي مسئلا پاڻ حل ??رڻ، شموليت کي ترجيح ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ مذهب جي گمر??هه ڪندڙ تشريح بدران عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي حق سميت پنهنجي ماڻهن جي ضرورتن ۽ خواهشن جي لاءِ جوابده ٿيڻ گهرجي. ترجمان چي?? ته افغانستان جي عبوري حڪومت کي دهشتگرد گروپن کي جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪندي عالمي برادري سان ڪيل واعدن کي به پورو ڪرڻ گهرجي جيڪي پاڙيسري ملڪن ۾ امن ۽ سلامتي کي شديد خطرن ۾ وجهي رهيا آهن ۽ اه?? ته ان کي افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي دهشتگردي جو مرڪز ٺاهڻ کان روڪڻ گهرجي. هن چي?? ته پاڪستان خطي ۾ امن، ڳالهين ۽ تعاون جي لاءِ پرعزم آهي ۽ افغانستان سميت سمورين رياستن کان اها اميد رکي ٿ?? ته اهي ذميواراڻو عالمي طرز عمل ۽ بين الرياستي لاڳاپن جي بنيادي اصولن جي پاسداري ڪندا.
پاڪستان پاران افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر، بيان واضح طور تي رد
مضمون کا ماخذ : راکی