اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ??هي?? ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سمور?? ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهتر انتظام ڪيا آهن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم ??هي?? جٽادار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري ??هي?? هڪ سياسي پارٽي احتجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف ??هي?? قومي اهميت جي ايونٽ جي موقعي تي احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، پي ٽي آءِ کي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن م??ڊي?? سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاالله تارڙ به ساڻس گڏ هو. ان کان پهرين ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي قيادت نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير عطاالله تارڙ ڪئي. ان موقعي تي م??ڊي?? سان ڳالهائيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان لاءِ تيار ??هي?? ايس سي او اجلاس ۾ ميمبر ۽ مبصر ملڪن جا سربراه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا، ڀارت جو پرڏيهي وزير به ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پاڪستان وڏي عالمي ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ شاندار ميزباني جي ذميداري احسن طريقي سان انجام ڏيندو. هن چيو ته چين جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪندو، ڀارتي پرڏيهي وزير پاران ٻه طرفي ملاقات لاءِ ڪا به درخواست ناهي ملي. ايس سي او سيڪريٽري جنرل م??ڊي?? کي ڪانفرنس بابت بريفنگ ڏيندو. اسحاق ڊار چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز ايس سي او جي تيارين ۾ پنهنجون ذميواريون انجام ڏين، مان انهن سڀني جو ٿورائتو ??هي??ن، سمور?? ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهترين انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي 2014ع ۾ به چين جي صدر جي دوري جي موقعي تي ڌرڻو هنيو هو، ۽ اها ئي پارٽي احتجاج جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف ??هي?? قومي اهميت جي ايونٽ جي موقعي تي احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، اهم موقعي تي احتجاج هڪ سياسي پارٽي کي نٿو سونهين، ملڪي مفاد ۾ پي ٽي آءِ کي 15 آڪٽوبر جي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي، غلطيون ورجائڻ بجاءِ هي ماڻهو پنهنجي اصلاح ڪن. نائب وزيراعظم چيو ته 2021ع کان افغانستان ايس سي او اجلاسن ۾ شريڪ ناهي ٿيو، ايس سي او اجلاس جي ڪوريج لاءِ سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پاڪستان ٽيلي ??يزن جا انتظام ساراهه جوڳا آهن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم ??هي?? جٽادار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي. اسحاق ڊار چيوته پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلائپ وارا مفروضا ختم ٿي ويا، ملائيشيا جي وزيراعظم ۽ سعودي وفد جا دورا انتهائي ڪامياب رهيا، پاڪستان سمورن عالمي فورمن تي فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن کي اجاگر ڪيو ??هي?? ۽ فلسطينين لاءِ امداد موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
ايس سي او اجلاس لاءِ سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهترين انتظام ڪيا آهن، پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر