اسلام آباد _ 08 نومبر (اي پي پي) مفڪر پاڪستان، شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن 9 نومبر ڇنڇر تي سڄي ملڪ ۾ ڀرپور طريقي سان ملهايو ويندو، علامه اقبال 9 نومب?? 1877ع ۾ سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، ان موقعي تي سڄي مُلڪ ۾ ڊ??يزنل، ضلعي?? سٽي هيڊ ڪوارٽرز سطح تي مختلف تنظيمن نظريه پاڪس??ان فائونڊيشن، تحريڪ پاڪس??ان ورڪرز ٽرسٽ، علامه اقبال لورز فيڊريشن، اقبال اڪيڊمي ۽ مختلف تنظيمن جي انتظام هيٺ خاص تقريبون، سيمينارز، ڪانفرنسز، مذاڪرا، بحث، تقريري مقابلا، بيت بازي جا پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ فلسفي شاعر جي تحريڪ پاڪس??ان ۽ مسلمان امت لاءِ خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويندو. اقبال ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب فلسفي شاعر جي مزار تي منعقد ٿيندي جتي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو ۽ ڪيڊٽس جي تبديلي به ٿيندي. ان موقعي تي اليڪٽرانڪ ميڊيا خاص پروگرام نشر ڪندو جڏهن ته پرنٽ ميڊيا ۾ پڻ خاص مضمون شايع ڪيا ويندا.
مفڪر پاڪستان، فلسفي شاعر علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن 9 نومبر تي ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز