باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) ڪانفرنس آف پارٽيز جي 29هين ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس (ڪوپ 29) ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي گروپ فوٽو ??يش?? ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پهرين صف ۾ موجود هو. فوٽو ??يش?? ۾ ترڪ صد?? رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر الهام عليوف، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سميت سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ترڪ صد?? رجب طيب اردوان فوٽو ??يش?? جي لاءِ پهتو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳتي وڌي سندس استقبال ڪيو ۽ هٿ ملايو. ان موقعي تي وزيراعظم جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي. ان کان اڳ وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ۽ آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سندس شاندار استقبال ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن