اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون ضلعي جي علائق?? ملي خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ ف??نٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته قو?? جي فرزندن جون قربانيون ضايع وڃڻ نه ڏينداسين، عوا?? جي جان ۽ مال کي خطري ۾ وجهندڙ دهشتگردن کي سخت قيمت ادا ڪرڻي پوندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته بنون ضلعي جي علائق?? ملي خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز 6 دهشتگردن کي جهنم واصل ڪيو ۽ ان عمل ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. ضلعي بنون جي علائق?? ملي خيل ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ صوبيدار عمران احمد فاروقي، حوالدار محمد جاويد اقبال، نائق طهماس، نائڪ باسط فريد، سپاهي صفدر علي، سپاهي اسد بشير، سپاهي اعجاز حسين، سپاهي عاطف خان، سپاهي امان الله، سپاهي شاهه زمان، سپاهي حسيب الله ۽ عثمان شامل آهن.
وزيراعظم پاران بنون ضلعي جي علائقي ملي خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará