لاهور – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي چيو آهي ته ملازمن جي ڀلائي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. اي پي پي لاهور بيورو ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملازمن جي ڀلائي سندس اولين ترجيح آهي ۽ هو ملازمن سان لاڳاپيل معاملن جي لاءِ اوپ?? ڊور پاليسي تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته اي پي پي جا ??لازم اداري جو اثاثو آ??ن، هن ملازمن تي زور ڀريو ته اهي اداري جي ترقي لاءِ محنت ڪن.
ايم ڊي محمد عاصم کچي وڌيڪ چيو ته اي پي پي ۾ ڪر??شن جي خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. ڪر??ٽ عنصرن جو خاتمو ضروري آهي. ملازمن جي سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته ملازمن جي ميڊيڪل بلز کي ترجيحي بنيادن تي ڪليئر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سمورين اي پي پي اسٽيشنز تي ضروري سامان ۽ شيون فوري ۽ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيون پيون وڃن. اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي چيئرمين ۽ اردو نيوز سروس جي انچارج ۽ چيف رپورٽر محمد عبدالله مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي جي قيادت تي پختي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن اداري جي سربراهه جي طور تي ملازمن جا ??سئلا حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد عاصم کچي جا ??ورا مڃيا ۽ اردو نيوز سروس لاهور ب??بت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي نيوز روم، وڊيو نيوز سروس ۽ رپورٽنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ اي پي پي جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان کان اڳ اي پي پي ايمپلائيز يونين پنجاب جي صدر راڻا عبدالرحمان قومي خابرو ايجنسي جي ملازمن پاران ايم ڊي محمد عاصم کچي جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ کيس يقين ڏياريو ته ملازم سندس اميدن تي پورو لهندا. هن ملازمن جا ??سئلا تيزي سان حل ڪرڻ تي ايم ڊي محمد عاصم کچي جا ??ورا پڻ ادا ڪيا.