اسلام آباد – 10 – ??سم??ر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. سوار ??حمد حسين شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي وزيراعظم چيو ته سوار ??حمد حسين شهيد (نشان حيدر) 1971ع جي جنگ ۾ بي مثال بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو ۽ دشمن جي نشاندهي ڪندي ٽينڪ تباهه ڪندڙ توپن سان دشمن جون 16 ٽينڪون تباهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سوار ??حمد حسين شهيد (نشان حيدر) پنهنجي پيشيواراڻي عسڪري مهارت سان دشمن جي طاقت جي نشي ۽ عددي برتري جي غرور کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ جرئت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪندي ملڪ جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪر?? ڇڏي. هن چيو ته سوار ??حمد حسين شهيد جو ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم ۽ عهد وفا نڀائيندي شهادت ماڻڻ جو عمل ايندڙ نسلن جي لاءِ قابل تقليد آهي. مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي بقاءَ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ عظيم شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.
وزيراعظم پاران سوار محمد حسين شهيد (نشان حيدر) کي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو