اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعليم کان دور?? سبب مسلمان تنزلي جو شڪار ٿيا، موجوده تعليمي ن??ام جي ڪري اڪثريت مٿي نٿي اچي سگهي، ملڪ ۾ ٽي طرح جا تعليمي ن??اب هلي رهيا آهن، هڪجهڙو تعليمي ن??ام ترقي جي لاءِ ضروري آهي، طبقاتي تعليمي ن??ام کي ختم ڪنداسين، مدرسن جي شاگردن کي به جديد تعليم جي ذريعي مٿي اچڻ جو موقعو ملندو، اڄ هر جڳهه مسلمان قتل ٿي رهيا آهن، والاريل ڪشمير ۾ 80 لک ماڻهن کي کلي جيل ۾ بند ڪيو ويو آهي، پاڪستان، ترڪي ۽ ملائيشيا مسلمانن جي تاريخ ۽ موقف دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ جي لاءِ ٽي وي چينل شروع ڪندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار تعليم واري وزارت جي انتظام هيٺ ديني مدرسن جي شاگردن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : راکی