اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن بابت خاص مددگ??ر طارق فاطمي سان هتي پاڪستان جي دوري تي آيل بحريني وفد جي سربراهه عرب وايفرو – ايشي??ئي معاملن جي نائب سيڪريٽري شيخه رانا بنت عيسيٰ بن دائج الخليفه ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب بحريني وفد جي سربراهه سان ڳالهائيندي خاص مددگ??ر طارق فاطمي چيو ته اهم علائق??ئي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي موقف ۾ هڪجهڙ??ئي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي معاملن تي بحث ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ ٻڌي تي ٻڌل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم خاص طور تي اقتصادي ۽ واپاري شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا