اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز، آئيني قانوني ادارا ملڪ جو فخر آهن. هو نجي اسڪول جي اسپورٽس گالا جي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جهڙي طرح وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي ٽن نسلن، ??رح??م والد، شريف فيملي ۽ پنهنجي ٻارن جي حوالي سان ثبوت پيش ڪيا آهن ائين ئي جي آءِ ٽي جي سوالن جو جواب به ثبوتن سان گڏ ڏنو ويندو، جي آءِ ٽي ۾ جواب نواز شريف کي ڏيڻو آهي پر تڪليف عمران خان کي آهي، عمران خان کي اها خبر هجڻ گهرجي ته ڌ??نڌ??ي جي حوالي سان به ڪميشن ٺاهڻ جي لاءِ وزيراعظم سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي هئي ان جي ابتڙ عمران خان جي سياست کي ڏسو ته ڪنٽينر تي بيهي عمران خان ڪنهن به اداري، ڪنهن به شخص کي نه ڇڏيو، پارليامينٽ تي حملو، پي ٽي وي تي حملو، اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪرڻ ۽ بدتميزي جي سياست متعارف ڪرائي آهي.
پاڪستان جي فوج، سيڪيورٽي فورسز، آئيني ادارا ملڪ جو فخر آهن: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش