لاهور – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته اسان جي ايجنڊا پاڪستان جي ايجنڊا آهي، ملڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، پاڪستان کي واپاري ۽ مالياتي خسارو درپيش آهي جڏهن ته ملڪ جا وڏا ادارا به خساري ۾ وڃي رهيا آهن، قومن تي مشڪل وقت ايندو رهندو آهي پر اهو ئي ملڪ ترق?? ڪندو آهي جتي حڪومت جو نظام بهتر هجي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي جي لاءِ حڪومتي نظام جو بهتر هجڻ ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ سرڪاري ملازمن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن سنگاپو?? ۽ ??وئيٽزرلينڊ ج?? مثال ڏيندي چيو ته انهن ملڪن گورننس جي معيار جي بهتري س??ن ترقي ڪئي. وزي??اع??م صوبائي بيوروڪريسي کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا دروازا عام ماڻهن جي لاءِ کولين ته جيئن انهن جا مسئلا حل ٿي سگهن. هن پوليس جي ضلعي س??براهن کي هدايت ڪئي ته ٿاڻن جي باقاعده مانيٽرنگ ڪئي وڃي ته جيئن غريب ماڻهو تي ٿيندڙ ظلم ختم ٿي سگهي ۽ انهن کي انصاف ملي.
اسان جي ايجنڊا پاڪستان جي ايجنڊا آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن