اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آه??، شهري آبادين ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آه??، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آه??. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي اعليٰ آفيسرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ شهرن جي ماسٽر پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 28 شهر جن جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ 47 لک آه??، جي ماسٽر پلان تي ڪم تيزي سان جاري آه??، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل عملدارن پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماسٽر پلان تيار ڪرڻ جو عمل جلد کان جلد ??ڪم?? ڪيو وڃي، ماسٽر پلان ۾ زمين جي استعمال، معاشي ترقي، ادارن جو بنيادي ڍانچو ۽ فنانشل پلان سياحت ۽ ثقافتي ورثي، ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ جامع منصوبابندي شامل آه??، اجلاس کي مختلف شهرن جي ماسٽر پلان جي تڪميل جي نه رڳو موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو پر ماسٽر پلاننگ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار کان به آگاهه ڪيو ويو، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان دوران لينڊ پاليسي کي تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ زمين جي استعمال جي درجه بندي سان گڏوگڏ اسپيشل ڪمرشلائيزيشن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آه??. خيبرپختونخوا جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن جي 9 شهرن جي سميت صوبي جي 20 وڏن شهرن جو ماسٽر پلان مقرر مدي ۾ ??ڪم?? ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ قدرتي ندي نالن جو تحفظ پر ڊگهين عمارتن جي تعمير به شامل آه??، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ ايبٽ آباد جو پلان تيار آه?? جڏهن ته 5 ٻين شهرن جو پلان پڄاڻي جي مرحلي ۾ آه??، اسلام آباد جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي سارسنڀال لاءِ اصول جوڙيا پيا وڃن ته جيئن تعمير کانپوءِ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، وڌيڪ زون 3 ۾ گرين ايرياز جي تحفظ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي آه??، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرور آه??، شهري آبادين ۾ ماحول جي بهتري لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آه??، خاص طور تي مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحتي ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آه??.
شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا