اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪس??ان جي 74 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ٻن ڏينهن واري تص??يري نمائش جو افتتاح ڪيو، اها تص??يري نمائش 13 ۽ 14 آگسٽ 2021ع تائين جاري رهندي. افتتاحي تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هر سال وانگر هن سال به اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪس??ان جي عوام ۾ 1947ع جي آزادي جي جذبي جي تازو ڪرڻ لاءِ ان نمائش جو انعقاد ڪيو. آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ اها تص??يري نمائش قائداعظم محمد علي جناح جي فعال قيادت ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ نئين اسلامي رياست جي قيام لاءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي ڊگهي جدوجهد ۽ لازوال قربانين جي ياد ڏياري ٿي. هن چيو ته ان نمائش جو بنيادي مقصد اهو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي ۽ قرارداد پاڪس??ان جي حوالي سان نئين نسل کي اهو احساس ڏياريو وڃي ته پاڪس??ان ڇو اسان جي لاءِ ضروري هو ۽ اڄ به سڀني مسئلن جي باوجود ڪيتري وڏي نعمت آهي ۽ ان جي تحفظ، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ان امي?? جو اظهار ڪيو ته هلن??ڙ سال پاڪس??ان جي ناياب تص??يرن کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اپ گريڊ ڪيو ويندو. هن چيو ته نمائش ۾ رکيل ناياب تص??يرون پاڪس??ان جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن لاءِ اهميت رکندڙ هونديون. افتتاحي تقريب ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جا ٻيا اعليٰ آفيسر به موجود هئا.
اطلاعات واري وفاقي وزير پاران ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي ٻن ڏينهن واري تصويري نمائش جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن