اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ جي فروغ تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته اهو طريقو سستو آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو ان جي سگهه رکن ٿا، ورچو??ل يونيورسٽي جي پهچ کي وڌائڻ جي صرورت آهي ته جيئن ملڪ جي ڏورانهن لائقن جا شاگرد آن لائن تعليم مان فائدو کڻي سگهن. صد?? اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صد?? ۾ ورچو??ل يونيورسٽي آف پاڪستان بابت بريفنگ دوران ڪيو. ورچو??ل يونيورسٽي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي اجلاس کي آن لائن تعليم ۽ فاصلاتي تعلي?? جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته في الحال 100000 شاگرد مختلف شعبن ۾ داخل اهن ۽ 80000 کان وڌيڪ شاگرد يونيورسٽي مان فارغ ٿي چڪا آهن. هن چيو ته ورچو??ل يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي ڊيجيٽل مهارت فراهم ڪري رهي آهي، ان کانسواءِ پنهنجي چار ٽي وي چينلز تي ليڪچرز ۽ تعليمي مواد نشر ڪري رهي آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي صد?? يونيورسٽي انتظاميا کي چيو ته اها ڊيجيٽل دور جي ضرورتن موجب يونيورسٽي جي لاءِ هڪ نئون ويزن ۽ مستقبل جا منصوبا جوڙي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽائم لائينز طئي ڪري. هن هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي پڻ ز??ر ڏنو ته اها ورچوئل ايجوڪيسن جي لاءِ پنهنجي پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڪم تيز ڪري جنهن سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي فائدو پهچي.
فاصلاتي تعليم ۽ اي لرننگ کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará