اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اس??مبلي جي ڊپٽي اس??يڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ع??اق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اس??امي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اس??امي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن، ع??اق پاڪستان جي تربيت يافته افرادي قوت مان مستفيد ٿي سگهي ٿو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ ع??اق جي سفير حامد عباس سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ ??ال??ي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي اس??يڪر چيو ته پاڪستان ع??اق سان پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ڀائر اس??امي ملڪن ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، اس??امي ثقافت ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پارلياماني ۽ اقتصادي ر??بط?? جي فروغ جي ذريعي ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ٿو. هن جو چوڻ هو ته گڏيل واپار جو موجوده ماپو ٻنهي ملڪن جي صلاحيت جي مقابلي ۾ گهٽ آهي، ٻنهي ملڪن جي چيمبرز آف ڪامرس ۾ ر??بط?? کي فروغ سان واپاري ماپي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو.
ڊپٽي اس??يڪر چيو ته ع??اق پاڪستان مان چانور، جراحي اوزار، راندين جو سامان، فرنيچر ۽ ٻيون شيون درآمد ڪري ۽ هتي جي تربيت يافته افرادي قوت مان لاڀ پرائي سگهجي ٿو، هن چيو ته ع??اق ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ ويندڙ زائرين لاءِ هڪ منظم لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي، زائرين ۽ ع??اق ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي سهولتن جي فراهمي واکاڻ جوڳي آهي ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آئل پائيپ لائين وڇائڻ جو منصوبو خوش آئنده آهي، قاسم سوري چيو ته عراقي قوم بهادر قوم آهي ان ثابت قدمي سان پنهنجي مسئلن تي ض??بط?? آندو، امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اس??امي ملڪن ۾ اتحاد ۽ ويجهو تعاون ضروري آهي، ان موقعي تي عراقي سفير حامد عباس لفته چيو ته ع??اق پاڪستان سان پنهنجي دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هن جو چوڻ هو ته ع??اق موجوده لاڳاپن کي اقتصادي ۽ واپاري ر??بط?? جي فروغ سان وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي.