اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار تي زور ڏيندي هدايت ڪ??ي آهي ته مافياز جي ڳٺ جوڙ تي ن??ر رکي، لاڳاپيل شعبن ۾ خدمتن ۽ معيار کي بهتر بڻايو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن جي اجلاس جي صدارت ڪ??ي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگوليٽرز جو اهم ڪردار آهي. ريگوليٽرز موثر مانيٽرنگ، قانوني ۽ ريگوليٽري ضرورتن کي ن??ر ۾ رکندي عوامي مفادن جو تحفظ يقيني بڻائين. وزيراعظم مافياز جي ڳٺ جوڙ تي ن??ر رکڻ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جي موثر ڪردار جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سمورن ريگوليٽرز کي هدايت ڪ??ي ته هو پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ شفافيت ۽ معياري خدمتن کي يقيني بڻائين. ريگوليٽري اٿارٽين جي سربراهن وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته هو پنهنجي لاڳاپيل اٿارٽين جي صلاحيت ۾ اضافو ڪن ته جيئن شهرين کي بهتر خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائي سگهجي.
عوام جي حقن جي تحفظ لاءِ ريگوليٽري اٿارٽين جو اهم ڪردار آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری