منڊي بهاءُ الدين – 18 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان ان عزم کي ورجايو آهي ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ۽ مهانگائي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪن. و??ير??عظم عمران خان منڊي بهاءُ الدين جو هڪ ڏ??نهن جو دورو ڪيو جتي و??ير??عظم سان علائقي جي پارليامينٽ ميمبرن ۽ معززين ملاقات ڪئي. ان موقعي تي و??ير??عظم انهن کي هدايت ڪئي ته اهي عوام سان پنهنجو رابطو مضبوط ڪن ته جيئن انهن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جاري مختلف سرڪاري اسڪيمن بابت وڌ کان وڌ آگاهي ڏئي سگهجي. انهن اسڪيمن ۾ نئون پاڪستان نيشنل هيلٿ ڪارڊ تحت يونيورسل هيلٿ ڪوريج، احساس ڪارڊ تحت راشن رعايت پروگرام ۽ ٻين غريب دوست قدمن، آبادگار ڪارڊ تحت فصلن جي لاءِ قرض ۽ سستي اگهن تي معياري ٻج، ڀاڻ ۽ جيت مار دوائن جي فراهمي، ڪامياب جوان ۽ ڪامياب پاڪستان پروگرامن تحت هوم فنانسنگ، سستي ڪاروباري قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيشيواراڻي مهارتن ۾ تربيت شامل آهي. و??ير??عظم انهن کي ماڻهن کي اهو حساس ڏيارڻ جي به هدايت ڪئي ته حڪومت انهن جي پريشانين کان پوري طرح آگاهه آهي ۽ عالمي منڊين ۾ شين جي بلند قيمتن جي ڪري درآمدي مهانگائي جي منفي اثرن کان انهن کي بچائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کڻي رهي آهي. و??ير??عظم ان ڳالهه کي ورجايو ته حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول پيدا ڪري مهانگائي جي منفي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي. و??ير??عظم انهن کي صوبي ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هيٺئين سطح تي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن مخدوم شاهه مح??ود قريشي، اسد عمر، چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد ۽ شفقت مح??ود، قومي اسيمبلي ميمبرن حاجي امتياز احمد چوڌري، شوڪت علي ڀٽي، سيد فيض الحسن شاهه، اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن مح??د اعجاز چوڌري، نذر مح??د گوندل، امتياز صفدر وڙائچ، صوبائي اسيمبلي ميمبرن مح??د طارق تارڙ، گلريز افصل چن، مامون جعفر تارڙ، ميا?? احسن جهانگير، ميان اختر حيات، چوڌري لياقت علي، چوڌري ارشد، سليم سرور جوڙا، چوڌري مح??د اخلاق، مح??د فيصل خان نيازي، اڳوڻن صوبائي اسيمبلي ميمبرن طارق مح??ود ساهي، چوڌري مح??د الياس، ميان ارقم خان ۽ مقامي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
حڪومت ٽارگيٽيڊ سبسڊيز ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي ۽ مهانگائي جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores