اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي ??ي) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن کي تڪبندين لاءِ چار مهينا جڏهن ته ع??م چونڊن لاءِ وڌيڪ 3 مهينا گه??بل هوندا، اليڪشن ڪميشن آڪٽوبر 2022ع تائين صاف شفاف ع??م چونڊون منعقد ڪرائي سگهي ٿي. اليڪشن ڪميشن پاران صدر پاران چونڊن جي تيارين جي حوالي سان لکيل خط جي جواب ۾ صدر کي لکيل خط ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو آهي جنهن جي آئيني ذميداري چونڊون منعقد ڪرائڻ آهي جيڪا ان کي آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت حاصل آهي، چونڊن لاءِ تڪبنديون هڪ بنيادي قدم آهي، چونڊ قانون 2017ع جي سيڪشن 17 ۽ آئين جي آرٽيڪل 51 (5) تحت آخري آدم شماري جا سرڪاري انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ آبادي جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميداري آهي، ڇهين آدمشماري جنهن جو انعقاد 2017ع ۾ ٿيو هو ان جا انگ اکر 3 جنوري 2018ع تي جاري ڪيا ويا جنهن جي بنياد تي آرٽيڪل 51 (5) ۾ ترميم جي ذ??يع?? هڪ ڀيري لاءِ تڪ بندين جي اجازت ڏني وئي جنهن جي بنياد تي 2018ع جي ع??م چونڊن لاءِ تڪبنديون ڪيون ويون، خط ۾ چيو ويو آهي ته 25 هين آئيني ترميم تحت فاٽا کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جون 6 سيٽون گهٽ ٿي ويون آهن جڏهن ته قومي اسيمبلي جُون سيٽُون 272 کان گهٽجي 266 ٿي ويون آهن ان جي ڪري نيون تڪ بنديون لازمي آهن تنهن هوندي به ايئن ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين پاڪستان بيورو آف شماريات پاران آدمشماري جا سرڪاري نتيجا جاري نٿا ڪيا وڃن، خط ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت ان کان اڳ اهو فيصلو ڪيو ته ??جي??ل آدمشماري جو انعقاد ڪرائي ويندي جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن پاران سيپٽمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع تي پارليماني معاملن واري وزارت کي ??جي??ل آدمشماري جي نتيجن جي ڇپائي ۽ انهن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻه ڀيرا خط لکيو ويو، ??جي??ل آدمشماري جو اهو منصوبو مارچ 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن کي هن وقت تائين لاڳاپيل وزارتن پاران ڪو به جواب ناهي مليو جنهن جي ڪري تڪ بندين ۾ دير ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي انعقاد لاءِ پرعزم آهي تنهن هوندي به وڌيڪ چار مهينا تڪ بندين لاءِ گه??بل هوندا، چونڊن جو ايمانداراڻو، شفاف ۽ منصفاڻو انعقاد آڪٽوبر 2022ع تائين ممڪن آهي، اليڪشن ڪميشن صدر سان وڌيڪ غور لاءِ ملاقات جي به درخواست ڪئي آهي.
چونڊن لاءِ 7 مهينا گهربل هوندا: اليڪشن ڪميشن جو صدر جي خط جو جواب
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria