اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري نار ??عاون تنظيم (جي سي سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر نائف فلاح ايم الحجراف سان ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تنظيم جو پاڪستان سان تعاون ج?? صورتحال جو جائزو ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري ر??مان به موجود هيون. پرڏيهي وزير ۽ نار ??عاون ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جي سي سي ۽ ان ج?? ميمبر ملڪن سان پاڪستان ج?? تعاون ج?? صورتحال جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري ملاقات دوران پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ تاريخي ر??بطن، جاگرافيائي ويجهڙائي ۽ ثقافتي وابستگين ج?? ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان نار ??عاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفي ۽ جي سي سي جي تناظر ۾ پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ۽ سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۽ جي سي سي جي وچ ۾ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ ج?? گڏيل ايڪشن پلان موجب اداره جاتي ر??بطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي ڌرين پاڪستان – نار ??عاون ڪائونسل فري ٽريڊ ايگريمنٽ تي جلد کان ج??د ڳالهين کي مڪمل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ نار ??عاون ڪائونسل جي وچ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. نار ??عاون ڪائونسل جي ميمبر ملڪن سان پاڪستان جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي مضبوطي سان ڳنڍيل آهن.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي نار تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں