اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ وسيع پئماني تي انفراسٽرڪ??ر جي تعمير جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي پ??ڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي، تازو ئي ملڪ ۾ 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ اليڪٽرڪ بسز جي شموليت، اليڪٽرڪ وهيڪل جي صنعت ۽ معاون انفراسٽرڪ??ر جي تعمير ۽ تجديد جي قابل جي توانائي جي ذريعن تي اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي پ??لڪ ٽرانسپورٽ ۾ اليڪٽرڪ بسز جي شموليت جي حوالي سان تجويزون ??يش ڪيون ??يون. اجلاس کي سڄي دنيا ۾ موجود اليڪٽرڪ بسز ۽ گاڏين جي صنعت ۽ پاڪستان ۾ ان صنعت جي تعمير جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو خميازو ڀوڳي رهيو آهي. حڪومت موسمياتي تبديلين ۾ ڪارگر عنصرن کي روڪڻ کي پنهنجي اولين ترجيح ۾ شامل ڪري رهي آهي، حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪل جي انگ ۾ اضافي ۽ ان جي لاءِ سڄي ملڪ ۾و سيع پئماني تي انفراسٽرڪ??ر جي ٺوس حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪندي. هن چيو ته مون تازو ئي ملڪ م 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جي منظوري ڏني آهي، حڪومت پاڪستان کي توانائي جي شعبي ۾ پاڻڀرو بڻائڻ جي لاءِ قابل تجديد توانائي ۾ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري رهي آهي، منصوبي سان نه رڳو ماحولياتي آلودگي گهٽ ٿيندي، گهٽ اگهن تي بجلي جي پيداوار ممڪن ٿيندي پ?? مهانگي ٻارڻ جي درآمد گهٽ ڪري قيمتي پ??ڏيهي ناڻي کي بچائي سگهبو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ بسز ۽ گاڏين جي لاءِ صنعت ۽ انفراسٽرڪ??ر جي تعمير سان نه رڳو پاڪستان جي درآمدي بل ۾ خاطرخواهه گهٽتائي ايندي پ?? ان صنعت جي تعمير سان ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم اجلاس دوران لا??اپ??ل عملدارن کي ان حوالي سان ٺوس پلان جلد پيش ڪرڻ ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت، پاور منسٽري ۽ سيڙپڪاري بورڊ کي ان شعبي ۾ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
پاڪستان ترقي يافته ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي تبديلين جي اثرن جو نتيجو ڀوڳي رهيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری