اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته ڦوروئن تي ٻڌل حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جو مستقبل چورن جي حوالي نٿا ڪري سگه??ن، سنڌ هائوس ۾ ماڻهن جا ضمير خريدڻ لاءِ ٻوليون لڳايون پيون وڃن، جتي تمام گهڻو پئسو منتقل ٿيڻ جا اطلاع آهن، 10 لک ماڻهن جي ڪال جي ڊپ کان مخالف ڌر خوف ۾ ورتل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن جناح ڪنوي??شن سينٽر ۾ گرين يوٿ موومينٽ جي تقريب کي خصوصي مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چي?? ته ڪالهه ننڍو ڊان چئي رهيو هو ته ملڪ م قومي حڪومت ٺاهيو جنهن ۾ تحريڪ انصاف شامل نه هجي، عقل جا انڌا اڄ چئي رهيا آهن ته ڦوروئن جي حڪومت ٺاهيو جيڪا چورن کي بچائي، اسان ان کان اڳ ان طرح جو قومي بيانيو نه ٻڌو، چوڌري فواد حسين چي?? ته پاڪستان جي 63 سيڪڙو آبادي 15 سالن کان 33 سالن جي نوجوانن تي مشتمل آهي ۽ هي اهي نوجوان آهن جيڪي ??اڪستان جو مستقبل آهن ۽ اسان پنهنجي مستقبل کي چورن ۽ ڦوروئن جي حوالي ه??گز نه ڪرڻ ڏينداسين. اسان کي پتو پيو آهي ته سنڌ هائوس جي اندر منڊيون لڳل آهن، جتي جهڙي قسم جون ٻوليون لڳي رهيون آهن ۽ ضمير وڪرو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ڇا عوام ان جي اجازت ڏيندي؟ وفاقي وزير چي?? ته هن ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر اهو نه چي?? هو ته اهي ماڻهو مخالف ڌر کي ماريندا، مخالف ڌر صرف 10 لک ماڻهو گڏ ٿيڻ جي ڊپ کان بيهوش ٿي وئي آهي، چوڌري فواد حسين چي?? ته سياسي پارٽين جو حق آهي ته هو جلسا ۽ جلوس ڪن، پنهنجي ماڻهن کي گڏ ڪن، اهو اسان جو حق آهي، هن چي?? ته اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏو ميڙاڪو اسلام آباد ۾ ڪري ڏيکارينداسين، اسان لوئر مڊل ڪلاس جي پارٽي آهي??ن، اسان تشدد ڪندڙ ماڻهو نه آهي??ن، هن چي?? ته عمران خان پاڪستان جي نوجوانن جي مستقبل جي اميد آهي، اسان ان اميد سان جيئنداسين ۽ مرنداسين.
ڦوروئن تي ٻڌل حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : como ganhar na quina