اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ??اڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلانز کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي ڪوششن سان پاڪستان فيٽف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي ٽيڪنيڪل ضرورتن کي ڪاميابي سان پورو ڪيو. پاڪستان پاران فيٽف جي ايڪشن پلانز جي ڪامياب پڄاڻي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گڏيل قومي ڪوششن ۽ سمورن حصيدارن جي گڏيل ڪوششن سان اسان اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهياسين، ان سان پاڪستاني معيشت تي اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي، فيٽف جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده ڳالهه آهي جنهن سان اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ٿئي ٿي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ??اڪستان حڪومت قومي معيشت جي استحڪام جي عظيم تزويراتي مقصد تحت ماليات جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. هن چيو ته آئون پراميد آهيان ته ??يٽف پاران ان سٺي خبر تي پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. هن ان عزم کي ورجايو ته ??اڪستان حڪومت عالمي معيارن موجب اي ايم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي قدم جاري رکڻ جي ل??ءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته اسان فيٽف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون ۽ اميد آهي ته ??اڪستان ڪاميابي سان جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو.
پاڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلانز کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا