اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪه برطا??يا ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي وزيراعظم الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط لکيو آهي جنهن ۾ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي برطانوي هم منصب ۽ ان جي وسيلي شاهي خاندان سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم خط ۾ چيو ته بحيثيت ملڪه برطا??يا تي ڊگهي ترين مدي تائين حڪمران ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪه ايلزبيٿ ٻه ان سموري عرصي ۾ برطا??يا ۽ سڄي د??يا ۾ مثبت تبديلين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي دولت مشترڪه جي لاءِ خلوص ۽ ان جي انٿڪ نگراني ۾ اها تنظيم د??يا جي سڀ کان وڏي آزاد ملڪن جي تنظيم بڻجي وئي. وزيراعظم چيو ته ڊگهي عرصي تائين عوامي مفادن جي تحفظ جي لاءِ خدمتن جي باوجود ملڪه ايلزبيٿ جي شخصيت ۽ ان جي موجودگي يونائيٽيڊ ڪنگڊم ۽ سڄي د??يا جي ماڻهن جي لاءِ اتحاد ۽ اخوت جي طاقت جو نشان بڻي، برطا??يا ۽ دولت مشترڪه جي سربراهه طور پاڪستاني عوام جي ملڪه ايلزبيٿ جي لاءِ سدائين احترام ۽ عزت جا جذبا رهيا. وزيراعظم چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل ان جي حڪومت دوران پاڪستاني عوام ۽ ملڪه ايلزبيٿ جي وچ ۾ ان عزم ۽ احترام جي رشتي ۾ مضبوطي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ مون سميت پوري پاڪستاني قوم جون سموريون همدرديون برطانوي شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوا?? سان گڏ آهن.
وزيراعظم جو برطانوي وزيراعظم الزبيٿ ٽرس کي تعزيتي خط، ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : prêmios raspadinha