اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت کي ملڪي معيشٽ جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي جي ترقي لاءِ حڪومت ايندڙ هفتي تاريخي آبادگار پئڪيج جو اعلان ڪندي، هن لاڳاپيل وزيرن جي ڪميٽي کي آبادگار نمائندن سان گڏجي انهن جا مسئلا موثر انداز ۾ حل ڪرڻ جي لاءِ قابل عمل سفارشون جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? موجب وزيراعظم آبادگارن جي مختلف وفدن سان انهن جي مسئلن جي حل لاءِ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان، خوراڪ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، پ??جا?? جي صوبائي اسيمبلي ميمبر راڻا مشهود احمد خ??ن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم زرعي شعبي کي ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ۽ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موجوده معاشي حالتن جي ڏس ۾ هر ممڪن ريليف فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ آبادگار ڪانفرنس ۾ تاريخي آبادگار پئڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو. وزيراعظم انهن ??ي پنهنجي پ??جا?? جي خادم اعليٰ جي حيثيت سان زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگار ڀائرن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن جو حوالو ڏيندي ياد ڪرايو ته هن ??هڙي طرح سدائين آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪيو ۽ انهن ??ي بجلي جي بلن جي ادائيگي، ڀاڻ جي ف??اهمي ۽ زرعي اوزارن جي خريداري تي سبسڊي ف??اهم ڪئي.
زراعت جو شعبو ملڪي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل