اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي فراهمي جي مرڪز جو دورو ڪيو ۽ شهرين کي مفت اٽي جي فراهمي جي سهو??تن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ هئي. وزيراعظم کي اسلام آباد ۾ مفت اٽو فراهمي جي سهو??تن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جي??ي ماڻهو شامل نه آهن انهن جي لاءِ جدا ڪائونٽر ٺاهيا ويا آهن. وزيراعظم اٽي جي ورڇ جي لاءِ سهو??تن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم ڪمزور شهرين کي انتظار ڪرائڻ کانسواءِ انهن کي فوري اٽي جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم بزرگ شهرين ۽ عورتن کان اٽي ورڇ جي حوالي سان ڏني ويندڙ سهو??تن بابت پڻ معلوم ڪيو. هن مستحق ماڻهن ۾ پنهنجي نگراني ۾ مفت اٽو ورهايو. وزيراعظم ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته اٽو ورهائڻ جي لاءِ سٺا انتظام ڪيا ويا آهن، عوام جو انگ به تمام وڌيڪ آهي، انهن سڀني کي ويهڻ جي مناسب سهولت ڏني پئي وڃي جي??ا خوش آئنده آهي، اسان کي آپريشنل مسئلن ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انتظاميا سچ??ئي سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪمشن??، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻي انتظاميا کي مبارڪباد ڏيان ٿو، مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ فوري حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي. هن ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته فوٽو ڪاپي تي اٽي جي فراهمي جي حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي فوري آگاهه ڪري. هن چيو ته هتي ڪارڪردگي تمام گهڻي حوصلي جوڳي آهي.
وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ مفت اٽي فراهمي جي مرڪز جو دورو، شهرين کي مفت اٽي فراهمي بابت سهولتن جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ