اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي ل??ءِ 167 ارب 90 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب پنجاب صوبي ۾ 16 جاري ۽ 2 نئين منصوبن جي ل??ءِ 9 ارب 11 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ رکيا ويا آهن، سنڌ صوبي ۾ 3 جاري ۽ 8 نئين منصوبن جي ل??ءِ 21 ارب 10 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 8 جاري ۽ هڪ نئين منصوبي جي ل??ءِ 3 ارب 68 ڪروڙ 45 لک رپين کان وڌيڪ، بلوچستان ۾ 25 جاري ۽ 7 نئين منصوبن جي ل??ءِ 50 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. ان کانسو??ءِ ضم ٿيل ضلعن جي ٻن منصوبن جي ل??ءِ 57 ارب ر??يا رکيا ويا آهن، آزاد ڪشمير ۾ هڪ نئين ۽ 8 جاري منصوبن ۽ بلاڪ ايلوڪيشن جي مد ۾ 32 ارب 35 ڪروڙ جڏهن ته گلگت بلتستان جي ل??ءِ 28 ارب 45 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، گلگت بلتستان ۾ ريجنل گرڊ جي قيام ل??ءِ هڪ ارب رپيا، بين الصوبائي رابطا اقتصادي لنگهه جي ل??ءِ 80 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، هنزه ۾ گريٽر واٽر سپلائي جي ل??ءِ 20 ڪروڙ ر??يا ۽ چلاس ۾ ماءُ ۽ ٻار جي اسپتال ل??ءِ 50 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. آزاد ڪشمير ۾ رٺوعا هريام پل جي ل??ءِ هڪ ارب ر??يا رکيا ويا آهن، پنجاب ۾ الله انٽرچينج کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي منصوبي جي ل??ءِ هڪ ارب 80 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، سيالڪوٽ ڪينٽ کان جيسر گيريزن تائين 69 ڪلوميٽر رستي کي وڪرو ڪرڻ ۽ بهتري جي ل??ءِ 2 ارب 80 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن، سياڪوٽ ايمن آباد روڊ کان ڪامونڪي موٽروي لنڪ تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي ل??ءِ هڪ ارب ر??يا رکيا ويا آهن. سنڌ صوبي ۾ انڊسٽريل اسٽيٽ ڪراچي جي رستن جي تعمير ۽ بحالي جي ل??ءِ 2 ارب 50 ڪروڙ، روهڙي کان گڊو بئراج تائين رستي جي بهت??ي ل??ءِ 4 ارب رپيا، ٽنڊو الهيار کان ٽنڊو آدم تائين رستي کي ٻن ڦاڪن وارو ڪرڻ جي ل??ءِ 2 ارب رپيا، نوابشاهه کان راڻيپور تائين مهراڻ ه??ءِ وي سان اضافي ڪيرج وي جي تعمير ل??ءِ 4 ارب رپيا، سانگهڙ کان نيشنل ه??ءِ وي اين 5 رستي جي بهت??ي ل??ءِ 3 ارب رپيا، سنڌ ڪوسٽل ه??ءِ وي جي تعمير ۽ توسيع جي ل??ءِ 2 ارب رپيا، ڪراچي اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي ل??ءِ 2 ارب ر??يا جڏهن ته حيدرآباد اربن انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ پئڪيج جي ل??ءِ 10 ارب ر??يا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ خيبر انسٽيٽيوٽ آف چائيلڊ ۽ چلڊرن اسپتال پشاور جي ل??ءِ هڪ ارب 50 ڪروڙ رپيا، سوات موٽروي فيز ٽو ۾ زمين حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ 50 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. ڏکڻ ضلعن جي سمورين اسپتالن جي سولرائيزيشن جي ل??ءِ 50 ڪروڙ ر??يا رکيا ويا آهن. بلوچستان ۾ درگئي سبوزئي اين – 70 کان تونسه شريف اين – 55 رستي لورالائي موسيٰ خيل جي ل??ءِ هڪ ارب ر??يا رکيا ويا آهن، ڪوئيٽا شهر ۾ ٽريفڪ جي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ مختلف لائي اوورز جي تعمير ل??ءِ هڪ ارب رپيا، پنجگور آوران رستي جي تعمير جي ل??ءِ 2 ارب 70 ڪروڙ رپيا، لورالائي قلعي سيف الله کان خانوزئي ڪراس تائين رستي جي بهتري ۽ ويڪرائي جي ل??ءِ هڪ ارب ر??يا جڏهن ته خاني ڪراس کان زيارت تائين رستي جي نئين سر تعمير، ويڪرائي ۽ بهتري جي ل??ءِ هڪ ارب ر??يا رکيا ويا آهن.
پي ايس ڊي پي ۾ صوبن ۽ خصوصي علائقن ۾ جاري ۽ نئين منصوبن جي لاءِ 167 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : رومن دولت