اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪي?? آهي ته هو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿا??ها?? قتل کي بند ڪري ۽ ڪش??ير?? عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هن عيد تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اسان جي ڀينرن ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر عيد جي خوشين ۾ شرڪت کان روڪيو ويو. هن چيو ته قابض عملدارن سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ مرڪزي عيدگاهه ۾ عيد جي نماز جي ادائيگي تي پابندي لڳائي ڇڏي، جامع مسجد جي مهتمم ۽ ناليوارو ڪش??ير?? اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق آگسٽ 2019ع کان مسلسل گهر ۾ نظربند آهي ۽ هو 200 کان وڌيڪ هفتن کان جامع مسجد ۾ جمعي جي اجتماعن کي خطاب نه ڪري سگهيو. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته مير واعظ عمر فاروق کي آزاد ڪي?? وڃي ۽ ڪش??ير??ن تي هنيل انهن پابندين کي ختم ڪي?? وڃي جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي اسان ڪش??ير?? نوجوان اڳواڻ برهان مظفر واني کي پڻ ياد ڪريون ٿا، جنهن جي ستين ور??يء?? 8 جولاءِ تي ملهائي ويندي. برهان واني انهن سوين ڪش??ير?? نوجوانن مان هڪ هو جيڪو ڀارتي قابض فوج جي هٿان عدالت کان مٿانهون قتل جو نشانو بڻيو. هن چيو ته ڪش??ير?? عوام جي مقامي تحريڪ آزادي جي آواز جي طور تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪندي اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عدالت کان مٿا??ها?? قتل بند ڪري ۽ ڪش??ير?? عوام جي خلاف طاقت جي انڌانڌند استعمال کان پاسو ڪري.
پاڪستان پاران هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي حڪومت کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ شهرين جا عدالت کان مٿانهان قتل بند ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام جي خلاف طاقت جي انڌاڌند استعمال کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار