اسلام آباد-26 آڪٽوبر(اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشف چيو آهي ته ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ضروري آهي، پاڪستان هميشه علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ڪشمير جي منصفاڻي حل لاءِ آواز بلند ڪيو آهي. اسپيڪر ڪشميري عوام سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي پاڪستان جو ڪشميري عوام سان علائقائي ۽ـ عالمي فورمز تي ??ياسي، سفا??تي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکڻ جي پُختي ??زم کي دُهرايو. اهڙو اظهار هن يومِ سياهه ڪشمير جي موقعي تي ??يڪو هر سال 27 آڪٽوبر تي ملهايو وڃي ٿو. اسپيڪر چيو ته اڄ جو ڏينهن هن ڏکوئيندڙ واقعي جي ياد تازا ڪندو آهي جڏهن 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀا??تي حڪومت پنهنجون فوجون ڪشمير جي سرزمين تي لاهي غاصباڻو قبضو ڪيو. هن چيو ته ڀا??تي فوج والاريل ڪشمير جي هٿين خالي عوام تي ??نسانيت سوز ظلم ڪيا جنهن جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان والاريل ڪشمير جي عوام کي بدترين رياستي ??هشتگرديءَ جو نشانو بڻايو وڃي پيو. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميري نوجوانن جو هزارين قبرون ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿيون ته ڀارت ??الاريل ڪشمير کي ??شميري عوام لاءِ قبرستان بڻائي رکيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ان ظلم ذريعي والاريل ڪشمير ۾ سَوين عورتن جي عصمت زري ۽ ڪشميري نوجوانن کي بيلٽ گنن ذريعي نور کان محروم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي والايل ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪري عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير کي ??شميري عوام لاءِ دنيا جي سڀ کان وڏو اوپن جيل بڻايو ويو آهي. اسپيڪر ڀارت جي غاصباڻي قبضي خلاف ۽ خوداراديت واري حق جي حاصلات لاءِ ڪشميري عوام جي بي مثال قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڪشميري عوام لازوال قربانيون پيش ڪيون آهن جن جو دنيا ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي. هن تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز سيد علي گيلاني، مقبول بٽ، برهان واني، ياسين ملڪ سميت ڪشمير تحريڪ جي ٻين حريت اڳواڻن جي جدوجهد ۽ـ قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي هيروز جي جدوجهد جي تاريخ ۾ هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. اسپيڪر چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل ڪشم??ر ۽ فلسطين ۾ جنگي ڏوهي ثابت ٿي رهيا آهن ۽ـ انهن جا جنگي عزم سڄي دنيا آڏو ظاهر ٿي چڪا آهن. هن چيو ته فلسطين ۽ـ ڪشمير مسئلن کي حل ڪرڻ کانسواءِ دنيا ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن نٿو ٿي سگهي. هن گڏيل قومن کي والاريل ڪشم??ر ۽ فلسطين ۾ ٿيندڙ سنگين انساني حقن جي پائمالين جو نوٽيس وٺڻ ۽ ڪشمير مسئلي کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪردار ادا ڪرڻ جو چيو. هن والاريل ڪشم??ر ۽ فلسطين جي اخلاقي سياسي ۽ سفا??تي حمايت جاري رکڻ ۽ ان تڪرار کي عالمي سطح تي ??جاگر ڪرڻ لاءِ هر ممڪن آواز اُٿاريندا رهنداسين.
ڪشمير مسئلو پاڪ ۽ هند ورهاست جي اڻمڪمل ايجنڊا آهي، خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق حل ضروري آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔