اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذ??ت ڪندي ان کي ڀارت ۾ ??سل??انن جي پسماندگي وڌائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب صديون پراڻي مسجد کي 6 ڊسمبر 1992ع تي انتهاپسند هندوئن جي هجوم شهيد ڪري ڇڏيو هو، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته هندستان جي اعليٰ عدليه نه رڳو ان ڪڌي فعل جي ذميوار ڏوهارين کي آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مسجد جي جڳهه تي ??ندر ٺاهڻ جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته پاڪستان ڀارتي شهر ايوڌيا ۾ شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ”رام مندر“ جي تعمير جي مذ??ت ڪري ٿو. اهو هندستاني ??سل??انن جي سماجي، ا??تص??دي ۽ سياسي پسماندگي جي لاءِ جاري ڪوششن جو هڪ اهم رخ آهي. شهيد ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي ??اهيل مندر ايندڙ وقتن ۾ هندستان جي جمهوريت جي چهري تي ڪارو ڌٻو بڻجندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت ”هندوتوا“ نظريي جي وڌندڙ لهر مذ??بي هم آهنگي ۽ علائقائي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏيل قومن ۽ ٻين لاڳاپيل عالمي ادارن کي ڀارت ۾ اسلامي ثقافتي جاين کي انتهاپسند گروهن کان بچائڻ ۽ ڀارت ۾ اقليتن جي مذ??بي ۽ ثقافتي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان پاران بابري مسجد جي جڳهه تي رام مندر جي تعمير جي مذمت
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil