اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، سعودي پرڏيهي وزير ج?? قيادت ۾ وفد جو دورو پاڪ سعوديه اسٽريٽجڪ ۽ واپاري حصيداري جي نئين دور ج?? شروعات آهي جڏهن ته سعودي پرڏيهي وزير ??يص?? فرحان السعود پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ل??ڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ واپاري ۽ سيڙپڪاري، حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ سعودي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ??يص?? بن فرحان السعود جي قيادت ۾ سعودي وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سعودي وفد ۾ سيڙپڪاري وارو نائب وزير انجنيئر ابراهيم بن يوسف المبارڪ، ماحوليات، پاڻي وسيلن ۽ زراعت وارو سعودي وزير انجنيئر عبدالرحمان بن عبدالامحسن آلفضلي، صنعت ۽ معدني وسيلن وارو سعودي وزير انجنيئر بندر بن ابراهيم بن عبدالله آلخريف ۽ اعليٰ سعود?? عملدار ۽ سفارتي اهلڪار شامل هئا جڏهن ته ملاقات ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد محسن رضا نقوي، ڄام ڪمال خان، راڻا تنوير حسين، عبدالعليم خان، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، سردار اويس خان لغاري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ محمد جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبر رومينه خورشيد عالم ۽ حڪومت?? عملدار پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم وفد جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ سعودي قيادت، خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ شهزاده محمد بن سلمان آل سعود جي ل??ءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. ملاقات ۾ وزيراعظم سعودي وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب سان پاڪستان جي پراڻي ڀائراڻن، اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. سعودي پرڏيهي وزير شهزاده ??يص?? بن فرحان آل سعود پاڪستان سعوديه لاڳاپن جي مضبوطي، واپاري ۽ سيڙپڪاري حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ سعودي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم وفد کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۽ ان جي جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ل??ءِ سمورن ادارن جي تعاون ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ج?? اهم ڪردار تي پڻ روشني وڌي. ملاقات ۾ فلسطين جي والاريل علائقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پيغام ڏنو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جنهن جو مثال نٿو ملي. سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو. مڪه ۾ هن مهيني سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان پنهنجي شاندار ۽ مفيد ملاقات جو ذڪر ??ند?? وزيراعظم چيو ته سندس دوري جي فوري پوءِ سعودي پرڏيهي وزير ج?? قيادت ۾ سعودي وفد جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده آهي ۽ ان سان گڏيل طور تي مفيد اقتصادي تعاون جي خصوصي حوالي سان ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي ٻنهي ملڪن جي پختي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ڌرين کي نئين انتظام تحت پاڪستان ۾ سعودي سيرپڪاري جي ل??ءِ پهرين مرحلي کي تيز ڪرڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جو دورو سعوديه اسٽريٽجڪ واپاري حصيداري جي نئين دور ج?? شروعات آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڀائر ملڪن سان حصيداري کي گڏيل طور تي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهيو آهي. پاڪستان سعودي عرب پاران سيڙپڪاري وڌائڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جا پاڪستان پاران شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا. سعودي وفد جو پاڪستان جو دورو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي تازي سعودي عرب جي دوري جي ڏس ۾ ٿي رهيو آهي.
سعودي عرب مشڪل وقت ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر