??يج??گ – 14 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ??يج??گ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي چيئرمين لوزائو هو سان مانجهان??ي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين پاڪستان خاص طور تي گوادر جي سماجي ۽ اقتصا??ي تر??ي جي لاءِ سي آءِ ڊي سي اي جي مختلف منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي نيو گوادر عالمي هوا??ي اڏي جي ترقي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار چيو ته نيو گوادر عالمي هوا??ي اڏي جي هن سال مڪمل ٿيڻ ۽ افتتاح جي اميد آهي. هن پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي لاءِ چين جي حمايت ۾ سي آءِ ڊي سي اي جي اهم ڪردار ??ي ساراهيو. سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منصوبن کي جلد لاڳو ڪرڻ سان سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي گڏيل ويزن کي فروغ ملندو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي سي آءِ ڊي سي اي جي چيئرمين سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج